ڪراچي: (آچر: 18 ڊسمبر 2022ع) ملڪ ۾ هڪ تولو سون جو قميت 800 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 72 هزار 200 رپيا ۽ 10 گرام سون جو اگهه 686 رپين جي واڌ کانپوءِ هڪ لک 48 هزار 62 رپيا ۽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب آل سنڌ صرافا جيولرز ايسوسي ايشن ٻڌايو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 11 ڊالر جي واڌ کانپوءِ 1 هزار 793 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
هلندڙ سال پهرين جنوري کان هن وقت تائين سون جو في تولو قميت 46 هزار رپيا ۽ 10 گرام سون جي قميت ۾ 39 هزار 866 رپين جي واڌ ٿي آهي، جنوري ۾ اهي قيمت ترتيبوار هڪ لک 26 هزار 200 رپيا ۽ هڪ لک 8 هزار 196 رپيا هئي، جڏهن ته عالمي سطح تي سون جو اگهه هڪ هزار 830 ڊالر في اونس هئيئ.
ملڪ ۾ سون جي نئين قيمت بلند ترين سطح تي پهچي وئي
Leave a comment