خيرپور نيوز ڊيسڪ: خيرپور جي سينيئر صحافي مٿان هٿياربندن جو حملو . روزاني پاڪ سوچ اخبار جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر نصرالله کيڙو سخت زخمي، زخمي ٿيل صحافي اسپتال منتقل ، تفصيل موجب پريالوءِ ڀرسان ڳاڙهي موري شهر جو رهواسي سينيئر صحافي نصرالله کيڙو مٿان ڏنڊا بردار هٿياربندن حملو ڪري کيس رتورت ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا . جنهن بعد زخمي ٿيل صحافي نصرالله کيڙو کي پريالوءِ ٿاڻي تي پهچايو ويو جتي پوليس کيس علاج لاءِ ليٽر ڏنو ان بعد زخمي صحافي کي سندس وارث علاج لاءِ سول اسپتال خيرپور ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻي آيا . زخمي ٿيل صحافي نصرالله کيڙو جو چوڻ آهي ته ڪجهه مهينا اڳ پريالوءِ ٿاڻي تي سندس گهرمان ٿيل چوري جو ڪيس داخل ڪرائي هئي جنهن تي ڳاڙهي موري شهر جي ڪجهه گهانگرا برادري جي هٿياربندن پاران ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مون مٿان حملو ڪري هٿيارن جا بٽ هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا هوڏانهن پريالوءِ ٿاڻي تي صحافي نصرالله کيڙو مٿان حملو ڪري کيس زخمي ڪرڻ جي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي پر پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتارڪري نه سگهي آهي . هوڏانهن صحافي نصرالله کيڙو مٿان ٿيل حملو ۽ جوابدارگرفتار نه ٿيڻ ڪري پريالوءِ جي صحافين عبدالجبار ميراڻي . ظفر بلوچ . ثناءُ الله بلوچ . صوبل اوڍو . محمد عمر ڀٽو . عمران اوڍو . عبدالسلام بلوچ . حمادالله بلوچ . مشتاق سولنگي . نياز سولنگي . معروف شيخ . ڪيول پرڪاش . شوڪت ڳنڀير جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو.