ڪنگري رپورٽر (محمد عمر ڀٽو ) پيرجوڳوٺ وچ شهر ۾ هٿياربندن هٿان ڪلري محلا جو رهواسي نوجوان قتل شهر ۾ خوف حراس عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل هٿياربند فرار تفصيل موجب عيد ڏينهن پيرجوڳوٺ جي برف خانو چونڪ وٽ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن نوجوان گل حسن پٽ ارشاد انصاري مٿان پسٽل جا فائر ڪري کيس موقعي تي ئي قتل ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته اھڙو اطلاع پيرجوڳوٺ پوليس کي ڏنو ويو جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان گل حسن انصاري جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي عيد جون خوشيون ماتم ۾تبديل ٿي ويون ۽ گهر ۾قهرام پئجي ويو جڏهن ته قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
2
+1
+1
1