ڪنڊيارو(رپورٽ) ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي چيئرمين قادرچانڊيو جي حڪم تي ڌرتي ڌڻي تحريڪ تعلقا صدر ‘ نعيم بلوچ سينيئر نائب صدر ‘ عابد خچي ‘ جنرل سيڪريٽري ‘ پرور منگريو ء املاق منگريو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ‘ اڳواڻن جو چوڻ ھو تـ پريا ڪماري سنڌ جي نياڻي آھي ‘ ۽ شھيد ڪربلا جي سبيل ھلائيندي اغوا ڪئي وئي آھي ‘ پريا ڪماري جي بازيابي لاء آواز بلند ڪري اسان سڀني کي گڏجي حق سچ ۽ انسانيت جو ساٿ ڏيڻو پوندو ‘ وڌيڪ اڳواڻن جو چوڻ ھو تـ اسان چيف جسٽس آف پاڪستان ‘کان مطالبو ٿا ڪيون تـ پريا ڪماري جي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي سنڌ جي نياڻي کي بازياب ڪرائي ان جي والدين ۽ پوري سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي ..