ڪراچي (سومر: 16 جنوري 2023ع) ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ هزارين رپيا گهٽتائي ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ اڄ 2800 رپيا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 84 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 401 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 58 هزار 179 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 5 ڊالر گهٽجڻ سان 1915 ڊالر في اونس آهي
سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو
Leave a comment