سکر نيوز ڊيسڪ: سماجي تنظيم مدد ويلفيئر سکر جي هڪ وفد طرفان چيئرمين لالا آصف پٺاڻ جي قيادت ۾ سکر شهر جي ايوب گيٽ واري علائقي شيخ محلي جي ليڊيز ڪائونسلر ميڊم خورشيده سان ملاقات ڪئي وئي، ان موقعي تي ٽي بي وارڊ (شهيد محترمه بينظير ڀٽو پارڪ) واري معاملي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي لالا آصف پٺاڻ جن ميڊم خورشيده طرفان کنيل قدمن جي ساراه ڪئي وئي، وفد طرفان تعاون جو پڻ يقين ڏياريو ويو، ان موقعي تي وفد ۾ چيئرمين لالا آصف پٺاڻ، سينيئر نائب صدر محبوب عباسي، وائيس چيئرمين عمران چاچڙ ، جنرل سيڪريٽري عبدالرشيد عباسي، انفارميشن سيڪريٽري عمير شيخ ، نوردين عباسي ۽ ياسر علي مغل شامل هئا.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
1
+1