سکر رپورٽ ذوالفقار سولنگي: رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ به مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ آڪڙا پرچي جوا سر عام هلڻ لڳي آهي، پوليس خاموش تماشائي بڻيل، شهري ۽ سياسي سماجي ڌرين ۾ پريشاني جي لهرڇائجي وئي، ايس ايس پي سکر سميت ٻين اعليٰ اختيارن کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو. سکر پوليس جي لاپرواهي سبب رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ به سکر جي مختلف ٿاڻن جي حدن خاص ڪري نيو پنڊ ٿاڻي جي حد، ڀوسا لائين، ڪوري هوٽل، امان الله چوڪ، پٺاڻ ڪالوني، اسلام نگر ۽ ٻين هنڌن تي پوليس جي خاموشي سبب آڪڙا پرچي جوا سر عام هلڻ لڳي آهي، جوئا جي دڪانن تي نيو پنڊ ٿاڻي جا پوليس اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا نظر اچن ٿا. شهر سميت نئين پنڊ ۾ جوا جو ڪڌو ڪاروبار ڪرڻ سبب ڪيترائي نوجوان پنهنجي جمع پونجي وڃائي ويٺا آهن، نوجوانن سان گڏ گھٽ عمي جي نوجوانن به سماجي براين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب شهر ۾ بدامني جي شرح پڻ وڌڻ جو خدشو آهي، شهر ۾ جوا، آڪڙا پرچن، ريتمو گيم، گٽڪا، پان پراگ ۽ ٻين مضر صحت شين جي کليل وڪري تي شهري ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي، ان سلسلي ۾ سکر جي شرين، سياسي سماجي ڌرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر سميت اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهڙي معاملي جو نوٽس وٺي شهر مان جوا جهڙا ڪڌا ڪاروبار بند ڪرايا وڃن.