خيرپور (رپورٽ نصرالله کيڙو) پيپلزپارٽي جي نوجوان ايم پي اي ۽ بئريسٽر هلار خان وساڻ چيو آهي ته فلسطيني عوام جو ظلم ۽ قتل عام انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ توهين آهي، فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا انھن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون تنھنڪري انساني حقن جو عالمي تنظيمون نوٽس وٺن ۽ عالمي برادري به عالمي ڪانفرنس ڪوٺرائي فلسطينين مٿان ٿيندڙ ظلم بند ڪرائين بئريسٽر هالار خان وساڻ چيو آهي ته حلقي جي عوام جي ترقي منهنجي پھرين ترجيح آهي. ان ڪري پهرين ترجيح تعليم ۽ صحت جو فروغ آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي خاص هدايتن تي ٻوڏ متاثرن جي امداد جو سلسلو جاري آهي، سیلاب متاثرن کی گھر ٺھرائڻ روڊ رستا ۽ اسڪولن توڙي متاثر ٿيندڙ سمورن سرڪاري دفترن جو تعميراتي ڪم ڪرائڻ سان گڏوگڏ عوام لاء روزگار جا موقعيا فراھم ڪرائڻ اسان جو عظم ۽ مشن آھي هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي. جنهن جي ڪري پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي آهي ۽ مخالفن کي هميشه شڪست ملندي آهي. ان موقعی تی وڏي تعدد ۾ ڪارڪن موجود ھيا ۽ پيپلز پارٽي جي حمايت ۾ ناري بازي به ڪئي