میرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن ميرپورخاص ۾ فل فليج ايڊمنسٽريٽر نه هجڻ ڪري مسئلا وڌڻ لڳا ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن کي انتظاميه جي نا اھلي سبب عيد ايڊوانس پگھار ۽ پينشن نه ملي سگھي جنھن ڪري ملازمن ايپڪا شھيد ساقي جي اڳواڻي ۾ آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو
ان موقعي تي خطاب ڪندي ايپڪا جي ڊويزنل صدر مظھر عباسي چيو ته نا اھل ڪارپوريشن انتظاميه ھن ڀلاري مھيني ۽ عيد جي موقعي تي ملازمن سان زيادتيون ڪري رھي آھي رڳو پنھنجا نوازي وارو عمل جاري آھي لکين رپين جا بل ڳڙڪايا پيا وڃن مگر ملازمن جا ٻچا عيد کان محروم آھن
ملامن جون جلد کان جلد پگهارون ڪيو وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو