سيشن ڪورٽ شڪارپور حاضري کائي واپس ايندڙ اوڀايو خروس مٿان نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ معجزاڻي طور محفوظ
ڳوٺ حافظ آباد جو رھواسي اوڀايو خروس سيشن ڪورٽ شڪارپور حاضري کائي واپس اچي پيو ته ڪورٽ ٻاھران نامعلوم ھٿياربندن سندس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جيڪو معجزاڻي طور محفوظ ھو پنھنجي ڀاء ثناء الله خروس سان گڏجي پريس ڪلب شڪارپور پھچي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مون مٿان ڪورٽ ٻاھران ھٿياربندن حملو ڪيو مون ڀڃي جان بچائي آھي
اسان حد ٿاڻي نيو فوجداري تي پھچي رپورٽ ڪئي سون ته موجود ايس ايڇ او اسان کي دڙڪائي ڏيئي اٿاري ڇڏيو توھان ڪوڙو ڊرامون ڪيو آھي اسان جو پنھنجي برادري فقير دلمراد خروس وارن سان پراڻون تڪرار ھلندڙ آھي جنھن ۾ ھن مھل تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن
اسان مٿان حملو فقير دلمراد خروس جي پٽن ڪيو آھي ھنن الزام ھـندي چيو ته ايس ايڇ او نيو فوجداري ھن ڌر کان ڳري رشوت وٺي اسان مٿان حملو ڪرايو آھي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ڊي آء جي لاڙڪاڻون ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي