اسلام آباد: (اڱارو: 07 فيبروري 2023ع) پي ٽي اي آن لائن انسائيڪلو پيڊيا سروس جي حوالي سان مشهور ويب سائيٽ وڪي پيڊيا جي سروسز کي بحال ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته 4 فيبروري تي وڪي پيڊيا کي توهين جوڳو مواد نه هٽائڻ تي پاڪستان ۾ بلاڪ ڪيو ويو هو.
گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف وڪي پيڊيا کي بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.
شهباز شريف آءِ ٽي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميٽي به جوڙي آهي، جيڪا هڪ هفتي ۾ وفاقي ڪابينا کي معاملي تي سفارشون پيش ڪندي.
پاڪستان ۾ وڪي پيڊيا جون سروسز بحال

Leave a comment