لاهور: (ڇنڇر: 28 جنوري 2023ع) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نوازشريف پاڪستان پهچي وئي آهي.
لاهور ايئرپورٽ پهچڻ تي مسلم ليگ(ن) جي ڪارڪنن مريم نواز جو پرجوش استقبال ڪيو. ملڪ واپس پهچڻ تي مريم نواز سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪندي لکيو ته پاڪ سرزمين شاد باد، لاهور ايئرپورٽ ٻاهران ڪارڪنن کي مختصر خطاب دوران مريم نواز عمران خان مٿان تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان هاڻ سموري عمر روئڻ جي تياري ڪري وٺي.
عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته عمران خان کان مون ۽ نوازشريف انتقام ناهي ورتو پر هو رب پاڪ جي حساب ڪتاب جو نشانو بڻيو آهي. هن چيو ته 18 جولاءِ تي ملڪ مان نوازشريف جو واپس وڃڻ وڏو سانحو هو. ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران نوازشريف واپس ايندو، اوهان جو ۽ منهنجو محبوب اڳواڻ جلد اسان جي وچ ۾ هوندو.
مريم نواز چيو ته ملڪ ۽ پارٽي سان واعدو ڪريان ٿي ته پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان نڀائيندس. ملڪ کي مالي پريشانين مان ڪڍڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، جلد ئي اوهان کي ترقي ڪندڙ پاڪستان نظر ايندو. مريم نواز چيو ته مون کي ۽ نوازشريف کي احساس آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي، عمران خان جي 4 سالن جي نااهلي معيشت کي اهڙي حال تائين پهچايو آهي. تباهه ٿيل معيشت جي بهتر ۾ ڪجهه وقت لڳندو. اسحاق ڊار معيشت کي هن ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍندو.
مسلم ليگ(ن) جي اڳوان چيو ته عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت ٽوڙي ۽ هاڻ پاڻ ئي روئي رهيو آهي. هو جنهن حڪومتن جي آسري خرچ هلائيندو هو اهي حڪومتون هن پنهنجي هٿ سان ٽوڙي ڇڏيون، هاڻ هو سڄي زندگي روئڻ جي تياري ڪري. شينهن چونڊن کان ناهن ڊڄندا، پنجاب ۾ وڏي اڪثريت سان کٽينداسين.
مريم نواز ڇنڇر جي ٻنپهرن جو پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 264 ذريعي دبئي کان لاهور پهتي. مريم نواز نجي چينل جي صحافي سان ڳالهيون ڪندي وڌيڪ چيو ته ماضي طرف ڏسندي آهيان ته ڊپ لڳندو آهي ته ڪهڙي طرح اسان کي انتقام جو نشانو بنايو ويو مان ڪنهن جي به سزا تي خوش ناهيان ٿيندي. عمران خان سياسي مخالفن سان جيڪو ڪجهه ڪيو ان جي سزا کيس قانون موجب ملندي.
مريم نواز پاڪستان پهچي وئي، ڪارڪنن کي خطاب دوران عمران خان مٿان سخت تنقيد
Leave a comment