اسلام آباد: (اربع: 04 جنوري 2023ع) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالقفار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو، سندس نظريو، جدوجهد ۽ قربانيون لازوال آهن.
شهيد ذوالقفار علي ڀٽو جي 95 هين سالگرهه جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀٽو هڪ نظريو آهي، جنهن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ خاڪ بڻجي ويا، جڏهن ته ڀٽي جو نالو اڄ به پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي رهيو آهي.
هن عزم جو اظهار ڪيو ته جماعت جي باني چيئرمين جي نظريي ۽ مشن جي روشني ۾ 73 جي آئين جي حفاظت، جمهوريت کي مضبوط، پاڪستان کي اسلامي دنيا جو رول ماڊل، ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي جدوجهد کي منزل تي پهچائي کي ساهه پٽينداسين
ذوالفقار علي ڀٽو شهيد عوام جي طاقت جي علامت هو: بلاول ڀٽو
![](https://i0.wp.com/paksouch.com/wp-content/uploads/2023/01/1672851710.jpg?resize=860%2C485&ssl=1?v=1672907510)
Leave a comment