وزيراعظم ميان محمد شھباز شريف خيرپور جي ھڪ ڏينھن جي دوري تي وساڻ ھائوس ڪوٽڏيجي آمد ۔وزيراعظم ميان محمد شھباز شريف جو وزيراعلي سنڌ ۔ مشير زرعت سنڌ منظور حسين وساڻ ۔ سنڌ ڪابينا جي وزيرن ۔ پ پ جي ايم اين ايز ۔ ايم پي ايز ۔ ۽ ٻين اعلي آفيسرن استقبال ڪيو ۔ وزيراعظم ميان محمد شھباز شريف پنھنجي ھڪ ڏينھن جي دوري جي دوران سيوھڻ حادثي جي وارثن کي چيڪ ڏنا ۽ سيلاب متاثرين سان مليو ۔ ان سان گڏوگڏ اھم ملڪي شخصيتن سان ملاقاتون پڻ ڪيون ۔ وزيراعظم ميان محمد شھباز شريف سان گڏ وفاقي وزير ۽ اعلي سطحي آفيسر پڻ ساڻس گڏ ھئا ۔ان موقعي تي پاڪ سوچ ميڊيا گروپ جي ٽيم ذوالفقار سولنگي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا جڏهن ته ان سلسلي ۾ سيڪورٽي جا انتظام پڻ انتھائي سخت ڪيا ويا ھئا.