لاهور: (اڱارو: 06 ڊسمبر 2022ع) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي سموگ کي آفت قرار ڏيندي لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ ماحولياتي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي.
پنجاب جي وڏي وزير سموگ ۾ گهٽتائي لاءِ ياد ڪيل پلان تي اثرائتي انداز ۾ عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ماحولياتي تحفظ کاتو، ٽرانسپورٽ، انڊسٽريز ۽ انتظاميا جا آفيسر پاڻ فيلڊ ۾ وڃن، سرن جي بٺن جي زگ زيگ ٽيڪنالاجي تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي، سموگ ۾ گهٽتائي لاءِ جاري ايس او پيز تي عملدرآمد ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
هن چيو ته فصلن جي باقيات جي خاتمي لاءِ جديد هارويسٽر ”هيپر سيڊ“ فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته باقيات ساڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
ياد رهي ته ڪيترن ئي ڏينهن کان لاهور دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ سڀ کان مٿي آهي، شهرين جو گهران نڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، اسپتالن ۾ مريضن جي لائن لڳي وئي آهي، ڳلي، اکين جي خرابي، سهڪي، نزلي، زڪام، کنگهه سميت ٻيا مرض پکڙجي رهيا آهن
لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ ماحولياتي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي
Leave a comment