ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄڪلهه ملڪ ۾ بدتميزي جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، اسان جيتري ڪوشش ڪيون بدتميزي نٿا ڪري سگهون.
آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ عالمي اردو ڪانفرنس سان خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ثقافت جا جيترا پروگرام ۽ ڪم سنڌ ۾ ٿيندا آهن، ٻئي ڪنهن صوبي ۾ ناهن ٿيندا، انهن کي اڃا وڌائينداسين، عالمي اردو ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان اردو ٻولي جا عالم ايندا آهن، ان سان به ثقافتي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي آهي.
هن چيو ته اسان جي صوبي مان سدائين محبت ۽ امن جو پيغام ويندو آهي، هن صوبي جي اسيمبلي پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو هو ۽ سڄي پاڪستان ۾ محبت جو پيغام هتان عام ڪيو ويندو آهي، 15 سالن ۾ صوبي جي ترقي لاءِ ڪجهه اهڙا ڪم ٿيا، جيڪي ٻين صوبن ۾ نه ٿيا، آرٽس ڪائونسل کي پاڪستان جو ڪلچرل سينٽر بڻائڻ ۾ پ پ جي سرپرستي به حاصل آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو محبت ڪندڙ آهن، بدتميزي جي ماحول ۾ به اسان کان بدتميزي ناهي ٿيندي، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، سنڌ جو اردو ٻولي جي واڌ ويجهه ۾ ڪردار آهي.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، جيڪڏهن نه ٽوڙيو ته سٺو آهي پر جيڪڏهن ٽوڙيو ٿا ته تمام سٺو آهي