راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽر حارث رئوف شاهين شاهه آفريدي جو نه هجڻ بالنگ يونٽ لاءِ نقصانڪار قرار ڏئي ڇڏيو .
پنهنجي هڪ بيان ۾ حارث رئوف چيو ته ٽيسٽ سيريز ۾ ڪارڪردگي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.
هن چيو ته وائيٽ ۽ ريڊ بال ۾ مختلف مائنڊ سيٽ سان بالنگ ڪرڻي پوندي پر وائيٽ بال جو تجربو آهي ۽ ريڊ بال جي ڀرپور پريڪٽس جاري آهي،ٽيسٽ ڊيبيو ٿيو ته بهترين پارفارمنس ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.
حارث رئوف وڌيڪ چيوته ٻيا فاسٽ بالر به بهترين اعتماد ۾آهن پر شاهين آفريدي جو نه هجڻ بالنگ يونٽ لاءِ نقصان آهي ڇو ته انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جارحاڻي ڪرڪيٽ کيڏيندي آهي.