انگلينڊ ( ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو .
انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ٽيسٽ ميچ عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بين اسٽوڪس چيو ته سال جي شروعات ۾ پاڪستان ٻوڏ جي تباهڪارين کي منهن ڏنو جنهن کي ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ٻوڏ ملڪ ۽ عوام تي ڪيئي اثر ڇڏيا آهن.
انگلش ڪپتان جو چوڻ آهي ته راند زندگي ۾ گهڻو ڪجهه ڏنو آهي ۽ مان اهو ئي حق سمجهان ٿوته ڪرڪيٽ کان مٿانهو ٿي ڪجهه واپس ڏيان، مان ان ٽيسٽ سيريز ذريعي پنهنجي فيس پاڪستان ٻوڏ متاثرن کي عطيو ڪندس.
بين اسٽوڪر جي اهڙي قدم تي وزيراعظم شهباز شريف جو ردعمل سامهون آيو آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان انگلينڊ جي ڪپتان بين اسٽوڪس طرفان ٽيسٽ سيريز جي پنهنجي سموري فيس ٻوڏ متاثرن لاءِ ڏيڻ واري عمل کي ساراهيون ٿا، ڏکي انسانيت سان همدردي سڀ کان افضل آهي.
وزيراعظم وڌيڪ ليکو ته بين اسٽوڪس جو اهو جذبو برطانيا جي عظيم انسان دوستي جي روايت جو ثبوت آهي.