اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا جي شهر ڪيلگري ۾ روڊ حادثي جي موقعي تي سڀ کان پهريون مدد لاءِ پهچندڙ عورت پيراميڊڪ اڌ ڪلاڪ سخت محنت کانپوءِ بري طرح زخمي ٿيندڙ نوجوان ناري کي گاڏيءَ مان ٻهار ڪڍيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب جيمي ايرڪسن هاءِ وي تي ٿيڻ واري ٽريفڪ حادثي ۾ گھڻا زخم لڳڻ سبب پنهنجي ڌيءُ کي نه سڃاڻي سگهي، جڏهن ته 17 سالن جي ڌيءُ کي جهاز ذريعي ويجهي اسپتال نيو ويو.
رپورٽس موجب پنهنجي شفٽ زتم ٿيڻ بعد جڏهن جيمي ايرڪسن گهر پهتي ته پوليس کيس ٻڌايو ته حادثي ۾ زخمي ۽ بعد ۾ مرڻ واري ڇوڪري سندس ڌيءُ هئي.
جيمي ايرڪسن پنهنيج مٽن مائٽن ۽ دوستن کي ٻڌايو ته جنهن شديد زخمي ناري جي ڪجهه دير پهريون مدد ڪئي هوءَ سندس رت هئي ۽ سندس سڪي لڌي ڌيءُ هئي.
هن چيو ته ان واقعي تي هوءَ ٽٽي پئي آهي ۽ کيس لڳي ٿو ته هن جو حصو ڪٿي گم ٿي ويو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ جيمي ايرڪسن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس ڌيءُ مونٽانا ڏاڍي خوبصورت ۽ بهادر هئي، جيڪا آخري وقت تائين وڙهي.
رپورٽس موجب 15 نومبر تي ڪيلگري جي هاءِ وي تي تيز رفتار گاڏي جو ٽرڪ سان ٽڪر لڳو.