نوشهروفيروز ۾ ايم سڪس اسڪينڊل ۾ نامزد نوشهرو فيروز جو ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم 5 ڏينهن کان روپوش هو، ڊپٽي ڪمشنر جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي
ايف آءِ اي اميگريشن ذريعن نوشهرو فيروز جي ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم جي پرڏيهه وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي
ايف آءِ اي اميگريشن ذريعن ٻڌايو آهي ته تاشفين عالم 19 نومبر تي دبئي روانو ٿي ويو
ايف آءِ اي اميگريشن ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم پرڏيه اڏام ايف زيڊ 336 ذريعي دبئي روانو ٿي ويو
واضح رهي ته سنڌ حڪومت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي تاشفين عالم کي معطل ڪرڻ لاءِ خط لکي چڪي آهي
18 نومبر تي جوڙيل فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪاميٽي نوشهروفيروز ۾ زمين جي خريداري ۾ وڏي پئماني تي بيقاعدگين جي تصديق ڪئي هئي