ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس شامل ڪرڻ خلاف حافظ نعيم الرحمان ۽ ٻين جي درخواستن تي اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪندي ڪي ايم سي کان تفصيل طلب ڪري ورتا.
جسٽس نديم اختر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ جي سامهون عدالتي مددگار خالد جاويد خان، جماعت اسلامي جو عثمان فاروق ۽ سيف الدين ايڊووڪيٽس، ايس حسن مجتبيٰ عابدي ۽ عذرا مقيم ايڊووڪيٽس ڪي ايم سي پاران جڏهن ته ايان مصطفيٰ ميمڻ ايڊووڪيٽ ڪي اليڪٽرڪ پاران پيش ٿيا.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪٿي ڪو مثال آهي ته بجلي جي بلن ۾ ميونسپل چارجز ورتا هجن؟ بيرسٽر خالد جاويد موقف ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ فيصلي ۾ چئي چڪي آهي ته بلز ڪيلڪشن کي آئوٽ سورس نٿو ڪري سگهجي. ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي قانون جو جائزو وٺڻ گهرجي، اهو به ڏسڻو پوندو ته ڪي ايم سي جو اختيار ڪي اليڪٽرڪ کي ڏئي سگهجي ٿو يا نه؟
جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي ڌار ڌار ادارا آهن. ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪيترين ئي ملڪن ۾ به ايئن بلز وصول ڪيا ويندا آهن.
جماعت اسلامي جي وڪيل عثمان فاروق ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته ميونسپل چارجز پهريون واٽربورڊ جي بلز ۾ شامل آهن. ميونسپل چارجز کي بجلي سان جوڙيو وڃي. بجلي جي يونٽس سان گڏ ميونسپل چارجز ۾ به واڌ ٿيندي. سنڌ حڪومت ڪي ايم سي جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل موقف ڏنو ته صوبائي حڪومت ڪي ايم سي جي ان قدم جي حمايت ڪري ٿي. جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته ڪي ايم سي جو بل ڪي اليڪٽرڪ سان گڏ جوڙڻ جو مقصد ڇا آهي؟ عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي بلز ۾ ميونسپل ٽيڪس وصولي خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ڪي ايم سي کي 7 ڊسمبر تائين تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي