ويجهر ئي پيغام پهچائڻ واري ايپلي ڪيشن واٽس ايپ واهپيدارن جي سهولتن لاءِ ڪيترائي فيچرز متعارف ڪرايا آهن جنهن تسلسل کي برقرار رکندي هاڻي اينڊرائيڊ واهپيدارن جي لاءِ وڌيڪ هڪ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب هاڻي واٽس ايپ ڪيمرا موڊ ۾ تبديلي جو فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن تحت واهپيدارن کي تصويرن جي لاءِ کوليل ڪيميرا سان وڊيو بڻائڻ سولو ٿي ويو آهي.
ويب بيٺا انفو طرفان جاري ڪيل اسڪرين شاٽس ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هاڻي اينڊرائيڊ واهپيدارن جي لاءِ هيٺ فوٽو ۽ وڊيو جو آپشن هوندو جنهن تحت سولائي سان تصويرن ۽ وڊيو ۾ سرچ ڪري سگهجي ٿو.
اهڙو فيچر حاصل ڪرڻ في الحال ڪجهه واهپيدارن لاءِ ممڪن ناهي پر ٿوري ئي وقت ۾ اهو سڀني جي لاءِ موجود هوندو.