دادو (ن پ ا) تعليم کاتي دادو جي ڪامورن بيقائدگين جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ملڪ کان ٻاهر رهندڙ نوجوان ماستر ٿي ويو
اٽلي ۾ موجود جوهي واسي نادر علي رند کي پي ايس ٽي جو آفر آرڊر جاري ڪري کيس فٽنيس، ميڊيڪل ۽ پوسٽنگ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو
ٽي اي او جوهي اٽلي ۾ موجود نوجوان کي ڳوٺ بخش علي رند جي پوسٽنگ به ڏئي ڇڏي ۽ هن جي اسڪول ۾ جوائنگ به ڪرائي وئي
ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار کي اهڙي ڄاڻ ملڻ تي تعليم کاتي دادو جي ڊي اي او اليمنٽري ۽ ٽي اي او جوهي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي