مشتاق علي لنڊ ۔
مرڪ پبليڪيشن جي زير انتظام ڇپيل ۽ محقق ، ليکڪ ، دانشور ، تعليمي ماھر ۽ سماجي رھنما ،محترم پروفيسر
خالد حسين چنه جو لکيل ڪتاب” سگا اڀياس“ ، سگا جي ترويج ، تاريخ ۽ ملڪي سياسي ۽ حڪومتي اٿل پٿل جي پس منظر جي ڄاڻ ۽ معلومات تي مبني ھڪ اھم ۽ تاريخي دستاويز آھي .
سگا جي سڀني سماجي سرگرمين جي پوتاميل سان گڏ ، ملڪي انتظامي لاھن چاڙھن جي واقفيت ۽ معلومات سان گڏ ، سگا تي پوندڙ اثرن ۽ سگا جي ساٿين جي حڪمت عملي جو به ذڪر آھي . اھا تاريخي پس منظر سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاه وندن لاء ھڪ سمجھاڻي ، تربيت ۽ آئينده لاء حڪمت عملي جوڙڻ جي لاء به ھڪ موثر مواد سان ، بھترين وسيلو ۽ ذريعو آھي .
ھن ڪتاب جي پڙھڻ کانپوء ھڪ مفڪر جو ھي قول دل کي ڇھي رھيو آھي ته ،
” اصل ڏاھپ ۽ دانشمندي ان ڳالھ ۾ نه آھي ته تجربي کانپوء سکيو وڃي ، پر اصل ڏاھپ ۽ دانشمندي ان ڳالھ ۾ آھي ته وقت کان ۽ تاريخ کان سکي وٺجي . !
سگا اڀياس“ ۾ ايندڙ وقت لاء سکڻ ۽ حڪمت عملي جوڙڻ لاء به جامعه مواد ۽ معلومات آھي .
”سگا اڀياس“ سماجي سرگرمين توڙي سماجي رھنمائن ۽ ساڃاه وندن لاء ڏاھپ سان ڀريل ھڪ انمول خزانو ۽ ھڪ ناياب دستاويز ۽ ھڪ تاريخي ڪتاب آھي .
پروفيسر خالد حسين چنه جو ھي ڇھون ڪتاب آھي . پروفيسر خالد حسين چنه
” سگا اڀياس “ ۾ 1972 ع کان 2022 ع تائين سگا جي سماجي خدمتن کي سھيڙي ھڪ سونھري تاريخ رقم ڪئي آھي . پروفيسر خالد حسين چنه ” سگا اڀياس “ ۾ سماجي خدمتن ڪمن ۽ انساني خدمت جي اھميت کي به اجاگر ڪيو آھي . سماجي سرگرمين ۽ انساني خدمت کي ” عبادت “ جيئان بيان ڪري ، سماجي سرگرمين ۽ انساني خدمت ۾ وڌيڪ اڳڀرائي آڻڻ جي به ڪامياب ڪوشش ڪئي آھي .
پروفيسرخالد حسين چنه
” سگا اڀياس “ ڪتاب ۾ سگا جي سڀني رخن کي تعميري انداز ۽ سھڻن رنگن سان نروار ڪيو آھي .
پروفيسر خالد حسين چنه جو ھي علمي ، قلمي ، پورھيو ۽ محنت بيحد شانائتو ۽ مانائتو آھي . پروفيسر خالد حسين چنه جو ھي ڪتاب
” سگا اڀياس “ سنڌ ۽ سگا سان عشق جو مظھر آھي . ھن ڪتاب ۾ دل لڀائيندڙ لفظ ۽ من مھيندڙ جملا آھن ، جنھن جي پڙھڻ دؤران دل نه چاھيندي آھي ته پڙھڻ يا ڪتاب کي اڌ ۾ ڇڏجي . ڪتاب ” سگا اڀياس“ ۾ بھترين پني جو استعمال ٿيل آھي . 192 صفحن تي مشمل ھن ڪتاب جي قيمت 500 روپيه آھي .
پروفيسر خالد حسين چنه جي ھن تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب تي ” مرڪ پبليڪيشن جي پبلشر نوٽ ۾ مانواري سائين مرتضي لغاري صاحب جن سھڻن خيالن ۽ سٽن ۾ لکندي ڪتاب جي سڀني رخن جي تعريف ڪئي آھي .
حقيقت ۾ سگا ۽ سنڌ جا ساڃاه وند مرڪ پبليڪيشن جي سھڪار جي ھميشه ساراه ڪندا رھن ٿا .
” سگا اڀياس “ جو مھاڳ ، سنڌ جي مشھور شاعر ، تعليمي ماھر ، سماجي اڳواڻ ۽ استاد پروفيسر بخش علي چانڊيو صاحب جن شاندار ۽ من موھيندڙ انداز سان تحرير ڪيو آھي .
ڪتاب ” سگا اڀياس “ تي سنڌ جي عظيم مفڪر ، دانشور ، اديب ، ۽ قلمڪار سائين سيد زوار نقوي صاحب جن به پنھنجن روشن ۽ خوبصورت خيالن کي سھڻن سٽن ۾ ،
عنوان: دو پل ڪي جيون سي
اڪ عمر چراني ھي “
سان پروفيسر خالد حسين چنه جي شخصيت ، علم ، ڏاھپ ، محنتن ، خدمتن ۽ صفتن کي بيان ڪري ليکڪ بابت ملھائتي معلومات سان گڏ ، سگا ۽ ڪتاب بابت دورانديش ۽ روشن خيال ۽ تاثر تحرير ڪيا آھن .
” سگا اڀياس “ ۾ سگا جي سينيئر ۽ سھڻي سڀاء رکندڙ سائين عبدالرسول سومرو
” سچ ٿا مست چون “
۾ پنھنجا ويچار ونڊيا آھن .
سگا اڀياس ۾ ليکڪ مواد ۽ معلومات کي وقت جي حساب سان تمام سھڻي نموني ترتيب ڏنو آھي .
1 _ سگا جي بنيادي ڏھاڪي جو اڀياس ۔ ۔
ھن حصي ۾ سگا جي مختلف نون (9) سماجي سرگرمين بابت تفصيلي معلومات آھي .
2 _ سگا تي پابنديء دؤران ڪارڪردگي جو اڀياس .
ھي حصو ستن اسمن يا سرگرمين تي مشتمل آھي .
3 _ سچل ڪانفرنس کان ،
شاھ ۔ سچل ۔ ۽ ۔ سامي ۔
بين الاقوامي امن ڪانفرنس تائين .
ان وقت جي سرگرمين ۾ مختلف ويھن سماجي سرگرمين ء اھم اسمن جو ذڪر آھي ۔
4 ۔ ھڪ سفر ۔ ٽي سفر ناما ۔
ھن ڀاڱي ۾ ٽن سرگرمين جو ذڪر آھي ۔
5 ۔ سگا جي ويجھڙ وارن 14 سالن جي تاريخ جو اڀياس ۔
ھن حصي ۾ 17 سترھن مختلف سرگرمين ۽ اسمن جو ذڪر آھي ۔
6 ۔ ڪنوينشن ۽ ٻيون تنظيمي سرگرميون ۔
ھي ڀاڱو 41 مختلف سرگرمين ۽ اسمن تي مشتمل آھي ۔
7 ۔ بطور سيڪرٽري جنرل ۔
ھن حصي ۾ 27 مختلف اسمن ۽ سرگرمين جو ذڪر آھي ۔
8 ۔ سگا ڪارنر ۔
ھن حصي ۾ مختلف 4 چئن اسمن جو ذڪر آھي ۔
9 ۔ سگا جي ھلندڙ دؤر جو مختصر احوال ۔
ھي حصو 2 اسمن ۽ سرگرمين تي مشتمل آھي .
ھي ڪتاب ” سگا اڀياس“ سگاجي ساٿين لاء ھڪ سرمايو آھي .
سماجي ورڪرس توڙي رھنمائن لاء به ”سگا اڀياس“ ھڪ انمول تحفوآھي ۔
ليکڪ جو انداز تعميري ۽ فقط خاصيتن تي مشتمل آھي . ھي ڪتاب ” سگا اڀياس “ سنڌ واسين لاء ھڪ انمول تحفو آھي ۔