ڪراچي (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز توشه خاني جا تحفا خريد ڪندڙ ماڻهو سامهون اچڻ تي عمران خان تي تنقيد ڪئي آهي
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهه نه ڪيو، رسيدون ڪڍو! واچ ڪنهن وڪرو ڪئي آهي، نالو ٻڌايو؟
ن ليگ اڳواڻ سوال ڪيو ته پاڪستان پئسا ڪيئن گهرايا؟ اهو ٻڌايو، ٻين کي چور چوندو هو اهو پاڪستان جو سڀ کان وڏو چور نڪتو. توبهه