ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کانپوءِ هاڻي عورتن تي جِم ۽ عوامي هنڌن واري حمام ۾ داخل ٿيڻ تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
افغانستان ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ عورتن جي پارڪن ۽ تفريحي ميلن ۾ وڃڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب افغان جي وزارت امربالمعروف ونهي عن المنڪر جي ترجمان محمد عاڪف صادق مهاجر جو چوڻ آهي ته جمز کي عورتن لاءِ بند ڪيو ويو آهي ڇو ته انهن جا ٽرينر مرد هئا جڏهن ته ڪجهه اهڙيون به جمز هيون جن ۾ مرد ۽ عورتون گڏ هئا.
هن چيو ته حمام روايتي عوامي غسل خانا آهن جيڪي صنفي بنيادن تي هميشا الڳ هوندا آهن ۽ انهن ۾ وڃڻ تي به عورتن لاءِ پابندي آهي.
هن چيو ته افغانستان جي هر گهر ۾ غسل خانو موجود آهي، اهڙي فيصلي سان عورتن کي ڪا به پريشاني نه ٿيندي.