دوحا ( ويب ڊيسڪ ) فٽبال جي دنيا جي حڪمراني جي جنگ ڇڙڻ ۾ رڳو پنج ڏينهن باقي بچا آهن.
فٽبال جو عالمي ميلو ويهه نومبر کان قطر ۾ شروع ٿيندو.
فٽبال عالمي ڪپ جي پهريون ڀيرو ڪو عرب ملڪ ميزباني ڪري رهيو آهي، انڪري سڄي دنيا مان لکين فٽبال شوقين عالمي ميلي لاءِ قطر جو رخ ڪري رهيا آهن.
ميگا ايونٽ ۾ فرانس پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو، افتتاحي ميچ آچر تي قطر ۽ ايڪواڊور وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته عالمي ميلي جو فائنل 18 ڊسمبر جي ٽورنامينٽ جي ٻن بهترين ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.
ايونٽ ۾ 32 ٽيمن کي 8 گروپن ۾ ورهايو ويو، عالمي ڪپ ۾ ڪُل 64 ميچون کيڏيون وينديون، انتظاميا موجب هنيئر تائين 31 لک ٽڪيٽن مان 29 لک وڪرو ٿي چڪيون آهن، هڪ اندازي موجب اٽڪل پنج ارب شوقين اهي ميچون اسڪرينز تي ڏسندا.