ڄامشورو پوليس ڪوٽڙي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري موٽرسائيڪلون چوري ڪندڙ گروهه جي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ڄامشورو پوليس موجب ايس ايڇ او عبدالرزاق ڪمانڊو جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن ڪوٽڙي سائيٽ جي ليبر ڪالوني، سڪندر آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروايون ڪري ڄامشورو شهر مان موٽرسائيڪلون چوريون ڪندڙ گروهه جي 5جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ۾ سونو مسيح، غلام مرتضي چانڊيو، عبدالستار سولنگي، وقاص علي ۽ رضوان علي آرائين شامل آهن، جن جي قبضي مان موٽرسائيڪلن جي اسپئير پارٽ جو سامان پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن مان سونو مسيح لمس مان ٻه ۽ سوسائٽي مان 8 موٽرسائيڪلون چوريون ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.