ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري جي جعلي ڊگري بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي گذري
ٻڌڻي دورا شازيه مري جي وڪيل چيو ته الزام ڪوڙا آهن، درخواست خارج ڪئي وڃي، اليڪشن ٽربيونل شازيه مري خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي
وڪيل اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت درخواستگذار کي فيصلي جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، جنهن بعد ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي
درخواستگذار جو چوڻ آھي ته شازيه مري اليڪشن وڙهڻ لاءِ جعلي ڊگري جمع ڪرائي ڇڏي ھئي
قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه مري لياري جي ھڪ جھڙي نالي واري ڇوڪري جي ڊگري جمع ڪرائي
درخواستگذار چيو ته شازيه مري جي تڪ جي شھري عطا محمد چانڊيو درخواست داخل ڪئي آهي
وڪيل محمد رفيق ڪلهوڙو موجب ان کان اڳ شازيه مري اين اي 235 سانگهڙ 2 تان چونڊجي وئي ھئي، شازيه مري جو ھاڻي حلقو تبديل ٿي اين اي 216 سانگھڙ ٽو ٿي ويو آھي
درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته شازيه مري جعلي ڊگري ته اليڪشن ۾ حصو ورتو کيس نااھل قرار