اسلام آباد: آرمي چيف جي مقرري واري مامري تي اتحادي حڪومت سرگرم آهي، ان حوالي سان ن ليگ جي قائد نوازشريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ اختر مينگل سان فون تي رابطا ڪيا آهن
ٽنهي اڳواڻن وچ ۾ نئين آرمي چيف جي مقرريءَ واري معاملي تي مشاورت ڪئي وئي آهي
ذريعن موجب اڳواڻن ڳالهه ٻولهه دوران عمران خان جي قومي سلامتي خلاف بيانئي تي قانون ڪارروائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو
ٽنهي اڳواڻن وچ ۾ رابطي دوران ملڪ جي ٻين سياسي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
آرمي چيف جي مقرري، نواز شريف جا آصف زرداري ۽ فضل الرحمان سان رابطا
Leave a comment