ڪراچي پوليس صحت کاتي جي احتجاج ڪندڙ ملازمن تي ٻيهر ڪڙڪي پئي، لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته 2 نرسز سميت ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا پوليس 20 عورتن سميت ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو، ان کان اڳ به پوليس صحت کاتي جي 4 عورت ملازمن سميت 20 ڄڻن کي تشدد جو نشانو بڻائي گرفتار ڪيو هو ملازم سنڌ سيڪريٽريٽ کان سي ايم هائوس ڏانهن وڌيا ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، عورت ملازمن کي روڊ تي گهلي تذليل جو نشانو بڻاوي ويو، گرينڊ هيلٿ الائنس صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي حيدرآباد، لاڙڪاڻو، دادو، سکر، ٺٽو، مديجي، ميروخان، ڇاڇرو، ڏاهلي، مورو، مٺي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا حڪومت گرينڊ هيلٿ الائنس سان ڳالهين لاءِ 5 رُڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، جنهن ۾ شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، صحت ۽ ناڻي کاتي جا سيڪريٽريز شامل آهن.