لنڊن ۾ موجود پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪيو ويو
نواز شريف جي خانداني ذريعن تصديق ڪئي آهي ته اڳوڻي وزيراعظم کي سفارتي پاسپورٽ ملي ويو آهي
ٻئي طرف نواز شريف جو چوڻ آهي ته وٽس ڪيترن ئي ڏينهن کان سفارتي پاسپورٽ موجود آهي
واضح رهي ته اڄ وزير اعظم شهباز شريف نواز شريف سان ملاقات ڪئي، مريم نواز، خواجا آصف، ملڪ احمد خان، سليمان شهباز ۽ حسين نواز به موجود هئا
نواز ليگ اڳواڻن جي ملاقات ساڍا ٽي ڪلاڪن تائين جاري رهي، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف مامرن تي مشاورت ڪئي وئي
لنڊن ۾ نواز شريف سان وزيراعظم شهباز شريف جي ٻن ڏينهن ۾ اِها ٻِي ملاقات هئي
ذريعن موجب ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ، نئين آرمي چيف جي مقرري، مهانگائي ۽ ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو
نواز شريف کي سفارتي پاسپورٽ ملي ويو

Leave a comment