ڪشمور ۾ قومي امن ڪاميٽي پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ پاڪستان زنده آباد ريلي ڪڍي وئي، پاڪستان زنده باد ريلي نادرا چوڪ کان قومي امن ڪاميٽي جي ضلعي چيئرمين رحمت الله چنه ،علي اڪبر ڀيو ،راڻا غفار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي ، ريلي ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ قومي پرچم ۽ بينرز کنيل هئا ، ريلي ۾ پاڪستان زنده آباد ، پاڪ فوج زنده آباد جا نعره گونجي رهيا هئا،ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان جي فوج هن ملڪ جي سلامتي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ، اسين پنهجي پاڪ فوج سان گڏ آهيون ، پنهجي فوج خلاف هڪ لفظ به برداشت نه ڪنداسين ، پاڪستاني قوم پاڪ سان گڏ هئي ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي ، ملڪ ۾ جيڪو عوام ۾ پاڪ فوج خلاف نفرتون پيدا ڪيون وڃن ٿيون اسين انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسين پاڪ فوج تي مڪمل يقين ڪيون ٿا ۽ پاڪ فوج سان گڏ جان جونذرانو پيش ڪرڻ جي لاءِ به تيار آهيون .