خيرپور آرٽس ڪائونسل ۾ ناپا نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس ڪراچي پاران ڪرايل ڊراما فيسٽول ۾ ٽئين ڏينھن تي سانول ڳاھو جو لکيل ڊرامو لاپرواھي پيش ڪيو ويو سون جي تعداد ۾ شھرين پاران شرڪت ڪئي وئي ڊرامي جومھمان خاص سگا جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل منظور حسين اڄڻ ھيو ٻين مھمانن ۾ ساھ شيخ مظھر حسين ڳاھو محمد يوسف ڪڙيو ۽ ٻيا شامل ھئا لاپرواھي ڊرامي جي ڊائريڪشن قاضي سرفراز ڏني ڊرامي جي ڪردارن ۾ سنڌ جي ناليوارن اداڪارن نسرين ناز سيد اڪبر شاھ پروفيسر سجاول ڳاھو محمد عظيم سومرو گھال غلام فريد سمير سانول پرڪاش ڪمار ۽ ٻين حصو ورتو ڊرامو ھڪ ماء پاران ڪيل لاپرواھي تي مشتمل ھيو جيڪا ماني پچائڻ بعد ماچس ھيٺ رکي ٿي ۽ اھو ماچس ٻارڙن کي ھٿ اچي ٿو ۽ ٻارڙا ماچس مان گھر کي باھ ڏئي ڇڏين ٿا اسٽيج تي اوريجنل باھ ڏسي ماڻھو پريشان ٿي وڃن ٿا ڊرامي جي سبق آميز ڪھاڻي سبب شھرين جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ٻارڙن جي سڙڻ تي ٻارڙن جي ماء جو ڪردار ڪندڙ اڪبر شاھ ۽ نسرين ناز جي دانھن ويٺلن کي روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ننڍڙي ٻارڙي جو ڪردار ڪندڙ 8 سالا ايمان سومرو بھترين ڪردار ڪندي ويٺلن کان خوب داد حاصل ڪيو ڊرامي ۾ سياسي ماڻھن جي ڪردار کي پڻ واکو ڪيو ويو جيڪو صرف ڦوٽو سيشن تي مشتمل ھيو ھڪ ٻھراڙي جي ڪردار ۾ اڪبر شاھ ڊرامي کي ٻھراڙي جي رنگن ۾ ڀري ڇڏيو ۽ ميسيج ڏنو تھ اسان جيتن جڻن ۽ جانورن جو خيال نٿا ڪريون پر جڏھن پاڻ تي اچي ٿو تھ دانھون ڪوڪون ڪيون ٿا جيتوڻيڪ رب پاڪ کي ساھ واريون سموريون شيون پياريون آھن قاضي سرفزافقير جو بھترين ڪردار ڪيو آخر ۾ خيرپور آرٽس ڪائونسل جي صدر سانول ڳاھو جنرل سيڪريٽري سيد اڪبر شاھ ناپا جي سي او جنيد زبيري شاھنواز ڀٽي ۽ ٻين جي ساراھ ڪندي چيو تھ جس پيش ڪريون ٿا ناپا کي جنھن اسان کي ڊراما ڏئي خيرپور آرٽس ڪائونسل ۾ رونق بخشي آھي ۽ خيرپور واسين کي انٽرٽينمينٽ ڏني آھي آيل مھمان کي سانول ڳاھو لطيف چانڊيو فقير ڦليو شاھنواز ڪلھوڙو پيرڻو سائل ڀنڀرو مرتضا ڦل ۽ ٻين اجرڪون اوڍايون. جڏهن ته ڊرامي ۾ پروفيسر سجاول ڳاھو. زوار مظهر ڳاھو. سنڌ بئنڪ جي ريجنل مئنيجر محمد يوسف ڪڙيو. صحافي خادم جوڻيجو . بشارت سهرياڻي. صفي الله شر. عارف جان عباسي. ارشد راجپوت . راحيل ڏهوٽ. سليم شيخ. آفتاب بلوچ سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ خوب انجواء ڪيو .