اين ٽي ايس پاس اميدوارن زوهيب سومرو، عبدالحفيظ ڀيو، حافظ آصف اقبال سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاجي مظاهر ڪيو، مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته سال 2013 ايڇ ايس ٽي، جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جي نوڪرين لاءِ تعليم کاتي طرفان اين ٽي ايس پاس ڪئي آهي پر 9 سال گذرڻ باوجود آفر آرڊر ناهن مليا، هنن چيو ته 60 کان 97 فيصد مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي نظر انداز ڪري 33 مارڪون حاصل ڪندڙ من پسند ماڻهن کي آفر آرڊر ڏئي انصاف جي لتاڙ ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندي 9 سال گذري ويا آهن اسان اوور ايج ٿي رهيا آهيون ،مستقبل داع تي لڳل آهي، پر تعليم کاتي پاران مسلسل زيادتي جو شڪار بڻايو پيو وڃي،هنن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير ،چيف سيڪريٽري سنڌ،تعليم کاتي جي صوبائي وزير سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي آفر آرڊر ڏئي روزگار سان ڳلائي انصاف ڪيو وڃي،