اسلام آ باد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته راولپنڊي پهچڻ جي تاريخ تبديل نه ٿيندي نه ئي اُن ۾ ڪا ڦير ڦار ٿيندي
ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف جو حقيقي آزادي مارچ سڀاڻي ٻيهر شروع ٿيندو، ان حوالي سان اڄ گجرانوالا ۽ لاهور ڊويزن جي ذميوارن سان ملاقات ۽ گڏجاڻي به ٿيندي
هن وڌيڪ چيو ته راولپنڊي پهچڻ جي تاريخ ۾ ڪابه تبديلي نه ٿيندي ۽ انشاءَ الله عمران خان نومبر جي ٽئين هفتي راولپنڊي ۾ هوندو
واضح رهي ته عمران خان تي حملي کانپوءِ تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ ختم ڪيو ويو هو، پي ٽي آءِ سڀاڻي کان ٻيهر لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي