اوٻاوڙو(ن پ ا) ڏھرڪي جي رھواسڻ ھندو ناري مسڪان جيسواني ڌي اجيت ڪمار جيسواني اسلام مان متاثر ٿي پير آف ڀرچونڊي ميان جاويد احمد قادري جي رھائش گاھ درگاهه عاليه ڀرچونڊي شريف پھچي پنهنجو مذهب مٽائي ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪري ورتو .
سندس اسلامي نالو مسڪان فاطمه رکيو ويو آهي، ان موقعي تي مسڪان فاطمه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون تي ڪنهن به قسم جو ڪو به دٻاءُ ناهي.