ٽنڊو غلام علي مان اغوا ڄاڻايل ٻن نارين حنا ۽ نشا مذهب مٽائي پرڻو ڪري ورتو آهي، وارثن ٻنهي نارين جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو
حنا ڌيءَ رامجي ڪولهي ۽ سندس سئوٽِ نشا ڌيءَ مائوجي ڪولهي مهينو اڳ مبينا طور گهران نڪري ويون هيون
حنا ۽ نشا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان پنهنجي مرضيءَ سان اسلام قبولي شادي ڪئي آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي نارين کي سڀاڻي ماتلي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو
پوليس ٻنهي نارين جي مبينا اغوا ڪيس ۾ حاجن ڏواڪر کي گرفتار ڪيو آهي