(ٽنڊوڄام رپورٽ واجد علي چانڊيو)
سنڌ حڪومت پاران هيلٿ رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف هيلٿ سينٽر جا ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف سراپا احتجاج، او پي ڊي جو بائيڪاٽ هڙتال. تفصيل موجب پيرا ميڊيڪل الائنس جي سڏ تي سنڌ حڪومت پاران هيلٿ رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ڊاڪٽر رضوانا ميمڻ ڊاڪٽر مليھا ڊاڪٽر افروز لغاري يونس قائم خاني اختيار مگسي وحيد زنئور علي گل مگسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف فرنٽ لائين تي ڪم ڪري رھيا آھن، جنھن سبب اسان هر وقت رسڪ تي هوندا آهيون، صحت کاتي جا ملازم ڪورونا جي وبا هجي يا برساتي ٻوڏ جي سنگين صورتحال پنھنجون جانيون خطري ۾ وجھندي ٽٽي هجي يا ٿڌي چاهي موذي بيمارين کان بچاء لاءِ ويڪسين مھم هجي ايمرجنسي بنيادن تي ڏينھن رات ڊيوٽيون ڪرڻيون پون ٿيون، ان باوجود صحت کاتي جي ملازمن کي وڌيڪ سھولتون ڏيڻ بجاءِ اسان جو هيلٿ رسڪ الائونس بند ڪري سنڌ حڪومت پاران تمام وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ حڪومت فوري طور ھيلٿ رسڪ الائونس ۽ يوٽيلٽي الائونس بحال ڪري صحت کاتي جي ملازمن ۾ وڌندڙ بيچيني کي ختم ڪيو وڃي، نہ تہ ٻي صورت ۾ اسان جا جائز مطالبا تسليم نہ ڪيا ويا تہ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. واضع رهي اڄ جي احتجاج دوران او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي سخت اذيت کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪيترائي مريض اها صورتحال ڏسي واپس هليا ويا.