نڌ جي وڏي وزير جي سيڪيورٽي واري پوليس موبائل ڌڪي اسٽارٽ، شهيد ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڪمانگر جي گهر مان واپسي دوران موبائل بند، اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ اهلڪار ڌڪا ڏيندا رهيا، تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سيڪيورٽي پروٽوڪل ۾ شامل پوليس موبائل ڌڪي اسٽارٽ ٿيڻ لڳي، گذريل ڏينهن سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۾ شهيد ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڪمانگر جي گهر تعزيت لاءِ پهتو ۽ واپسي دوران سيڪورٽي مقرر پوليس موبائل بند ٿي وئي، جنهن کي اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ اهلڪار ڌڪا ڏيندا رهيا.