سول اسپتال سکر ۾ علاج هيٺ قيدي فوت ٿي ويو، قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو. تفصيل موجب سول اسپتال سکر ۾ سينٽرل جيل جو قيدي گذريل رات فوت ٿي ويو، جنهن کي سينٽر جيل مان سول اسپتال آندو ويوهو، جيڪو رات جو فوت ٿي ويو، فوتي قيدي جو نالو ڪالا خان ولد سعيد احمد پٺاڻ نئين ڳوٺ جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، جيل انتظاميا قانوني ڪاروائي ڪري لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.