آئي جي پي سنڌ غلام نبي ميمڻ ، ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير حسين تنيو ضلعي گهوٽڪي جي رھواسي شھيد پوليس اھلڪارن جتوئي پتافي ۽ محمد سليم چاچڙ وارن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ شھيدن جي بلند درجات ۽ مغفرت لاءِ دعا ڪيائون آئي جي پي سنڌ جناب غلام نبي ميمڻ صاحب کي ضلعي گهوٽڪي پڄڻ تي چاڪ و چوبند دستي سلامي پيش ڪئي ياد رهي ته تاريخ 30 آڪٽوبر 2022 تي ٿاڻو اٻاوڙو جي حدود مان اغواء ٿيل ٽن ٻارن جي بازيابي جي لاءِ پوليس اھلڪار ٿاڻو رئونتي جي حد ڪچي علائقي ۾ پنھنجي ڊيوٽي جا فرائض سرانجام ڏيندي شھادت جو جام پي ڪري مالڪ حقيقي سان وڃي مليا، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايس ايس پي آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الله تعالي شھيدن کي پنھنجي جوار رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي، شھيدن جي وارثن کي الله تعالي صبر جميل عطا فرمائي هن وڌيڪ چيو ته شھيدن جي وارثن جي ھر جائز مدد ڪنداسين ۽ ان ڏک جي گھڙي ۾ وارثن سان برابر جا شريڪ آهيون ضلعي گهوٽڪي ۾ امن امان جي قيام لاءِ پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس آفيسر ۽ جوان محڪمه جو فخر آھن پوليس جي شھيدن جون قربانيون ڪڏهن به ضايع نه وينديون، هن وڌيڪ چيو ته پوليس جا حوصلا بلند آهن ۽ انشاءالله ڌاڙيلن کي پنھنجي انجام تائين پھچائڻ تائين آپريشن جاري رهندو، هن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيلن جيڪا ڪاروائي ڪئي جنھن ۾ پوليس جا جوان شهيد ٿي ويا آهن، اھو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي هن چيو ته شهيد جوان پوليس جو فخر آهن ڌاڙيلن خلاف آپريشن وڌايو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوليس ۾ رهي ڌاڙيلن جو ساٿ ڏيندڙ پوليس وارن جون نوڪريون ختم ڪندا سين، ٻي پاسي آئي جي پي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪچي ۾ ھلندڙ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن سان ڀاڪر پائي مليا ، انھن کي آپريشن جي متعلق ضروري ھدايتون ڏنائون ۽ انھن جا بلند حوصلا ۽ جذبات ڏسي انھن کي شاباشي ڏيندي تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ روڪ رقم جو پُڻ اعلان ڪيائون –