مٽياري جي عدالت ڊيوٽي اٽڪاءَ جي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل سميت 20 ڄڻن کي نارا جيل حيدرآباد اماڻي ڇڏيو
هالا پوليس مخدوم فضل حسين ۽ ٻين کي پهرين نيو سعيد آباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جج جي موڪل تي هئڻ سبب کين مٽياري جي ڪنزيومر ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو
عدالت مخدوم فضل حسين ۽ ٻين کي 12 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو
مخدوم فضل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گرفتارين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهو
هن چيو ته ڪيترا به ڪيس داخل ڪيو پر عمران خان جو ساٿ نه ڇڏينداسين
مخدوم فضل سميت 20 ڄڻن کي نارا جيل حيدرآباد موڪلڻ جو حڪم

Leave a comment