ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عمران خان تي حملي جي ايف آءِ آر واري معاملي تان پيدا ٿيل تڪرار کانپوءِ آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار پاران استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي
ان سلسلي ۾ آءِ جي پنجاب خدمتون جاري نه رکڻ بابت وفاق کي خط لکي ڇڏيو آھي
سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن لکيل خط ۾ آءِ جي پنجاب چيو آهي ته ذاتي سببن جي ڪري آءِ جي پنجاب طور ڪم جاري رکي نه ٿو سگهان
ذريعن موجب آءِ جي پنجاب سي سي پي او لاهور جي چارج نه ڇڏڻ سبب به ناخوش هو، گذريل ڏينهن شاهه محمود قريشي به مظاهري دوران آءِ جي پنجاب تي ڇتي تنقيد ڪندي استعيفا جو مطالبو ڪيو هو