ٻئي پاسي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اعظم سواتي ۽ سندس گهرواري جي مبينا وڊيو ريڪارڊنگ واري معاملي جي جاچ لاءِ 14 رڪني پارلياماني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي
اعظم نذير تارڙ، يوسف رضا گيلاني، غفور حيدري ۽ ٻيا ڪميٽي ۾ شامل، ڪميٽي جا ميمبر سربراهه مقرر ڪرڻ جو فيصلو پاڻ ڪندا، سينيٽ چيئرمين پاران ڪميٽي کي 30 ڏينهن اندر رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي
سينيٽر اعظم سواتي گذريل ڏينهن پنهنجي ۽ گهرواري جي وڊيو ريڪارڊ ٿيڻ جو ذڪر ڪندي روئي ويٺو هو