گھوٽڪي/ميرپورماٿيلو/ڏھرڪي/ رائونتي(نمائندن وٽان) گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن پاران پوليس تي حملو ڪيو ويو آھي، ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪار شهيد ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا
رائونتي ويجهو ڏوهارين جي حملي ۾ ڊي ايس پي اوٻاوڙوعبدالمالڪ ڀٽو ڏوهارين هٿان شهيد ٿي ويو، ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو عبدالمالڪ ڪماگر ۽ ايس ايڇ او کينجهو دين محمد لغاري به شهادت ماڻي
2 پوليس اهلڪار جتوئي پتافي ۽ سليم چاچڙ به فرض نڀائيندي شهيد ٿي ويا آھن، ايس ايڇ او رائونتي غلام علي بروهي ، آفتاب ڀٽو ۽ ممتاز سومرو زخمي ٿي پيا، زخمين کي اوٻاوڙو اسپتال منتقل ڪيو ويو، شهيدن جا مڙهه اوٻاوڙو اسپتال پهچايا ويا
ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو، شهيدن جون قربانيون رائگان نه ٿينديون، آپريشن جاري رهندو ،ڌاڙيلن ٽن آفيسرن ۽ ٻن جوانن کي شهيد ڪيو ، 6 ڪلاڪن تائين مقابلو جاري رهيو