ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه پوليس آفيسرز ۽ جوانن جي شهادت بعد گهوٽڪي جي ڪچي ۾ آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي
مراد علي شاھ پاران آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ڌاڙيلن کي هر حال ۾ گرفتار ڪيو وڃي، پوليس مٿان حملا برداشت ڪرڻ جوڳا نه آهن
مراد علي شاھ جو چوڻ ھو ته امن امان لاءِ سنڌ پوليس جون قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون، وڏي وزير پاران شهيد آفيسرز ۽ جوانن جي خاندانن سان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آھي
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آھي
آصف زرداري چيو آهي ته سنڌ پوليس جي آفيسرز ۽ جوانن کي شهيد ڪندڙ ڌاڙيل سزا جا مستحق آهن، کين ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ٿو ڪري سگهجي، سنڌ پوليس جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن
بلاول ڀٽو زرداري به چيو ته شهيدن جي خاندانن سان ڏک جي گهڙيءَ ۾ گڏ آهيون، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سنڌ پوليس جون قربانيون بي مثال آهن، يقين آهي ته شهادتن ۾ ملوث ڌاڙيلن کي منطقي انجام تي پهچايو ويندو
انئوتي جي ڪچي ۾ پوليس سان مقابلي دوران ڌاڙيلن پاران اينٽي ايئرڪرافٽ گنز جو استعمال
رانئوتي جي ڪچي ۾ پوليس سان مقابلي دوران ڌاڙيلن پاران اينٽي ايئرڪرافٽ گنز جو استعمال ڪيو ويو، ذريعن موجب ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيل رجب شر جي چاچي راجو شر جي گهر وٽ پوليس پهتي ته ڌاڙيلن حملو ڪري ڏنو
ذريعن موجب ڌاڙيلن پوليس جو گهيرو ڪري جوانن ۽ آفيسرز کي راڪيٽ لانچرز جا فائر ڪري شهيد ڪيو، رهزن ڌاڙيل راحب شر ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وڊيو بيان ۾ ايس ايس پي تنوير تنيو کي ڌمڪيون به ڏنيون هيون