ٺل ڀرسان ٽي مهينا اڳ بدفعلي بعد مبينا قتل ڪيل نينگر مظفر سومرو جي خون سان انصاف جي لاءِ 21هين ڏينهن به شهرين ۽ وارثن پاران احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو،روڊ بلاڪ،سخت نعريبازي، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو،خبر موجب ٺل ڀرسان ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد گلشير ڪنراڻي جي مدرسي ۾ بدفعلي بعد مبينا قتل ڪيل نينگر مظفر سومرو جي خون سان انصاف جي لاءِ نينگر جي وارثن ۽ شهرين پاران 21 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي،احتجاج جي دوران مظاهرين جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول نينگر جي امڙ پياري خاتون،ڀاءُ مجاهد سومرو، مامي محمد شريف سومرو،وسيم قريشي، ماما شمن سومرو،بشير لاشاري ۽ ٻين چيو ته ٽي مهينا اڳ گلشير ڪنراڻي جي مدرسي ۾ بدفعلي ڪرڻ بعد نينگر مظفر سومرو کي مبينا قتل ڪيو ويو،جنهن بعد ان قتل جي مامري کي لئي مٽي ڪرڻ جي لاءِ خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو آهي, نينگر سان بدفعلي جي رپورٽ اچڻ بعد تصديق ٿي وئي آهي نينگر کي جوابدارن پاران بدفعلي ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي،هنن چيو ته پوليس مامري ۾ جاچ جو دائري کي وسيع نه ڪيو آهي،رڳو هڪ گرفتار ڪيل جوابدار عطا محمد عرف بابن ڪنراڻي جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا ورتا ويا آهن پر پوليس کي جاچ جو دائرو وسيع ڪرڻ گهرجي ،مدرسي جي ٻي عملي سميت ٻين شڪ جي بنياد تي جن جوابدارن کان جاچ ڪئي وئي آهي تن جا به ڊي اين اي جا جزا ورتا وڃن،هنن چيو ته مقتول نينگر مظفر سومرو جي خون سان انصاف ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.