اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا پاڪستان تحريڪ انصاف کي جلسي ۽ ڌرڻي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضلعي انتظاميا طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي جان کي خطرن کي نظر ۾ رکندي جلسي يا ڌرڻن جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي ادارن جون رپورٽون آهن ته عمران خان جي جان کي خطرو آهي، اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ کي جلسي يا ڌرڻي جي اجازت نٿي ڏئي سگهي.
درخواست ۾ چيو ويو ته عمران خان جي ڪنٽينر تي حملو ٿيو، جنهن ۾ عمران خان سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ۽ هڪ شخص مارجي ويو، حملي آور کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ پنهنجي اعترافي بيان ۾ سبب به بيان ڪيا آهن.
درخواست ۾ چيو ويو ته خدشو آهي ته اهڙا مذهبي جنوني اسلام آباد ۾ ريلي ۾ داخل ٿي سگهن ٿا ۽ ٻيهر اهڙيون ڪارروايون ڪري سگهن ٿا، اسلام آباد ۾ اڳ به اهڙا انتها پسند واقعا ٿي چڪا آهن، سلمان تاثير ۽ شهباز ڀٽي کي اسلام آباد ۾ مذهبي جنونين قتل ڪيو هو.