ڏکڻ ڪوريا جي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته اڄ چئن ڪلاڪن تائين اتر ڪوريا جا ويڙهاڪ جهاز ملڪ جي هوائي هدن ۾ اڏندا رهيا.
اختيارين ٻڌايو ته صبح يارهين وڳي کان منجهند ٽي وڳي تائين اتر ڪوريا جا هڪ سئو اسي جهاز اسان جي هوائي حدن ۾ گهڙي اڏندا رهيا جن سان منهن ڏيڻ جي لاءِ ڏکڻ ڪوريا ايئرفورس اسي ويڙهاڪ جهازن کي موڪليو.
ڪورين خطي ۾ تازي اڻ بڻت ان وقت شروع ٿي جڏهن هلندڙ هفتي آمريڪي ۽ ڏکڻ ڪوريا جي گڏيل فوجي مشقن جي شروعات ڪئي وئي.
ان مشقن ۾ ٻنهي ملڪن جي سوين ويڙهاڪ جهازن ۽ هزارين فوجي اهلڪارن حصو ورتو.
اتر ڪوريا پنهنجي اوڀر ۽ اولهه علائقن جي ساحلن تان ٽيويهه ميزائل به فائر ڪيا جيڪي انهن طرفان هڪ ئي ڏينهن ۾ سڀ کان گهڻا فائر ڪيل ميزائل به آهن.